رينگ راند

رينگ راند: هيءَ راند ننڍڙا ٻارڙا کيڏندا آهن. جيڪا بلورن سان ڪئي ويندي آهي. هن راند ۾ ڇوڪرا زمين تي بلور سان هڪ سڌي ليڪ ڪنهن ٽاڪ واري جڳهه تي ڪڍندا آهن، جنهن کي ’رينگ‘ چئبو آهي. ان ليڪ (رينگ) تي جيترا ٻار هوندا آهن، هڪ جيترا بلور رکندا آهن. جيڪڏهن هڪ ٻار هڪ بلور رکندو يا ٻن بلورن جو فيصلو ٿيو ته هر ٻار ٻه ٻه بلور رکندو، پر بلورن جي وچ ۾ مفاصلو اهو ئي ٻن يا ٽن آڱرين جو رکندا آهن. ڇوڪرا ٻن کان وڌيڪ بلور به رکندا آهن، پوءِ جيترا ٻار هوندا، اهي هڪ هڪ بلور پاڻان ڪنهن هڪ ڇوڪري کي ڏيندا آهن. پوءِ اهو ڇوڪرو رينگ وٽان ٻنهي هٿن جو ٻُڪ ٺاهي، ان کي بند ڪري کڙ کڙائي ڪجهه پرڀرو اڇليندو ۽ پوءِ جنهن جو بلور (رينگ کان) سڀني بلورن کان پري ويو هوندو ته پهرين اهو هلندو. اهو ڇا ڪندو، جو رينگ ۾ پيل بلورن کي چُٽيندو آهي. رينگ مان ڪنهن ٻئي بلور کي چُٽي رينگ مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر جيڪڏهن وري به گٿو ته ٻيو ڇوڪرو هلندو ۽ گٿل ٻار وري تڏهن هلندو، جڏهن ٻيا پنهنجو پنهنجو وارو هلي ويندا آهن. جڏهن ٻيو گسندو ته وري ٽيون هلندو ۽ جيڪو ٻار آخر ۾ بلور ڪڍندو، اهو اهڙي زور سان ڌڪ هڻندو، جيئن سندس ڌڪ هڻڻ وارو بلور ٻين ڇوڪرن جي بلورن کان پري وڃي. ڇاڪاڻ ته ٻيا ڇوڪرا سندس بلور کي صرف هڪ ڀيرو چُٽيندا ۽ جيڪڏهن چٽي ويا ته انهيءَ ڇوڪري جيڪي بلور رينگ مان ڪڍيا هوندا، سي سڀ ڏنڊ ۾ ۽ هڪ ٻيو بلور به ان چُٽيندڙ کي ڏيندو آهي، پر جيڪڏهن نه چٽي ته رينگ مان نڪتل بلور سندس ٿيندا، پر جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪري جو رينگ مان بلور ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ سندس چُٽڻ وارو بلور رينگ واري ليڪ تي اچي بيهي رهيو ته اهو ٻار ڏنڊ طور اهي سڀ بلور جيڪي چُٽي رينگ مان ٻاهر ڪڍيا هوندائين ۽ هڪ ٻيو بلور به رينگ تي ساڳئي مفاصلي تي رکندو ته رانديگرن جي چٽڻ جو انداز اهڙو هوندو آهي، جو جنهن بلور سان چُٽيندا آهن، اهو بلور ٻئي بلور کان ڌڪ هڻي وري ڏانهس موٽ کائيندو آهي، پر آخري بلور کي وري اهڙو ته زور سان ڌڪ هڻندا جو رينگ وارو بلور به رينگ مان نڪري ويندو آهي ۽ چُٽڻ وارو بلور به تمام پري هليو ويندو آهي. جيئن ٻيا ڇوڪرا به سندس بلور کي چُٽي نه سگھن ۽ وري پوءِ ٻي راند ساڳئي نموني شروع ڪندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو